اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي باني ميمبر ڊاڪٽر اعجاز احس?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پارٽي جي لاءِ سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ و??يراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪٽر اعجاز احسن پي ٽي آءِ جو باني ميمبر هو، هن اهڙي مشڪل وقت ۾ ا??ان جو ساٿ ڏنو جڏهن تبديلي جا مخالف اسان جو مذاق اڏائيندا هئا، ڊاڪٽر اعجاز احسن اسا?? جي پارٽي جي سي اي سي جو ميمبر ۽ اجلاسن ۾ سدائين شريڪ ٿيندو هو.