مڪو شريف – 29 جنوري (اي پي پي) مسجد الحرام جي انتظاميه ڪعبته الله جي اڱڻ ۾ 150 چورس ميٽر جي لڳ ڀڳ نئون سنگ مرمر لڳرائي ڇڏيو آهي. العربيه نيوز موجب مسجد الحرام انتظاميه جي ماتحت مرمت وا??ي د??ري جي انچارج محسن السلمي ٻڌيو ته مطاف، صفيٰ ۽ مرويٰ جي وچ ۾ سعي وا??ي علائقي ۽ اذان وا??ي هنڌ جو ??نگ مرمر تبديل ڪرايو ويو آهي. مسجد الحرام جي سمورن اڱڻن ۾ نئون سنگ مرمر لڳايو ويندو. حرم پاڪ جي جنهن حصي جو ??نگ مرمر متاثر ٿي?? هوندو ان کي پهرين ته چمڪائڻ جي ڪوشش ٿي??دي ٻي صورت ۾ ان جي جاءِ تي نئون لڳايو ويندو.