اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جو ذميوار ملڪ آهي، طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو هڪطرفو نه پر علائقائي ۽ عالمي طاقتن ??ان گڏجي ڪنداسين، افغانستان جي حوالي ??ان ا??ان جو موقف اڳ ۾ به واضح هو، هاڻي به واضح آهي، افغانستان ۾ هن وقت صورتحال اطمينان جوڳي آهي، اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته ڪابل ۾ اڃا تائين تشدد جو ڪو واقعو ناهي ٿيو، اميد آهي ته طالبان افغانستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بنيادي انساني حقن جو احترام ڪندا، پاڪستان اشرف غني کي ڪيترائي ڀيرا مشورو ڏنو ته هو اڪيلي سر حڪومت نه ٿو ڪري سگهي، وزيراعظم عمران خان باجوڙ جلسي ۾ خطاب ڪندي افعان حڪومت کي چيو هو ته اهي اليڪشن جي تياري بدران مختلف گروپن ??ان ڳالهه ٻولهه ڪري هڪ متفقه حڪومت ٺاهين، عاشوري جي احترام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي تقريبون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرپشن فري، مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان ۽ مديني جي رياست جي ماڊل جي واعدي تي قائم آهيون، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ راندين جي معيار جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي نئين اسپورٽس پاليسي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم لازمي پڙهائڻ تي زور ڏنو آهي، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار اي وي ايم بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني، ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين کي واپڊا جو ٻيهر چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم افغانستان جي معاملي تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي فيصلن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته افغانستان جي حوالي ??ان ا??ان جو موقف اڳ ۾ به واضح هو هاڻي به واضح آهي، افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي معاملي ۾ خطي جي ٻين ملڪن ??ان گڏجي فيصلو ڪنداسين، پاڪستان عالمي برادري جو هڪ ذميوار ملڪ آهي، ا??ان هڪطرفو نه پر علائقائي ۽ عالمي طاقتن ??ان گڏجي فيصلو ڪنداسين. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي ٻه ڏينهن اڳ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ??ان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، گذريل ڏينهن آمريڪا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??ان تفصيلي ڳالهه ڪئي. ا??ان ان معاملي ۾ افغانستان جي اندر موجود ٻين گروپس ??ان پڻ رابطي ۾ آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان ۾ هن وقت صورتحال اطمينان جوڳي آهي، اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته ڪابل ۾ اڃا تائين ڪو تشدد جو واقعو ناهي ٿيو، عوام جو وڌيڪ نقصان ناهي ٿيو، ا??ان اميد ڪريون ٿا ته طالبان افغانستان ۾ قانون جي حڪمراني، بنيادي انساني حقن جو احترام يقيني بڻائيندا. گذريل ڏينهن ا??ان قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڻ ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته ا??ان چاهيون ٿا ته ڪابل ۾ نئين حڪومت عالمي بنيادي انساني حقن جو احترام ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان اشرف غني کي بار بار مشورو ڏنو هو ته توهان افغانستان ۾ اڪيلي حڪومت نه ٿا ڪري سگهو، وزيراعظم باجوڙ جلسي ۾ پنهنجي خطاب دوران به افغانستان جي حڪومت کي چيو هو ته توهان نئين اليڪشن جي تياري بدران مختلف گروهن ??ان ڳالهه ٻولهه ڪري هڪ متفقه حڪومت ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته 18 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿي رهيا آهن، عاشوري جي احترام ۾ ان ڏينهن جون تقريبون مل??ائڻ جو فيصلو ا??ان ملتوي ڪيو آهي، عاشوري کانپوءِ نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. ان ڏينهن ا??ان تفصيل ??ان ٻڌائينداسين ته ڪهڙي طرح ٽن سالن ۾ مشڪلاتون درپيش رهيون، وزيراعظم عمران خان کي ملڪ ڪهڙين حالتن ۾ مل??و ۽ مستقبل ۾ ا??ان کي ڪهڙي طرح اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن ٽن سالن ۾ پنهنجي حلف جي پاسداري ڪندي قوم ??ان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا جنهن تي وزيراعظم ڪابينا کي مبارڪباد ڏني. انهن قدمن جو تسلسل ايندڙ سالن ۾ به جاري رهندو. ڪرپشن فري، مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان ۽ مديني جي رياست جي ماڊل جي واعدي تي قائم آهيون. عاشوري کانپوءِ قوم کي ان تي اعتماد ۾ وٺنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ سندس ٽيم کي هڪ قومي نصاب جاري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان قوم کي گڏ ڪرڻ، معاشرتي فرق کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪسانيت اجاگر ڪرڻ جي حوالي ??ان هڪ نصاب کي اهميت رکندڙ قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ قوم هڪ نصاب ا??ان جو واعدو هو، هن وقت پاڪستان جي اسڪولن ۾ مختلف نصاب پڙهايو پيو وڃي، ا??ان جو موقف هو ته بنيادي تعليم جا گهٽ ۾ گهٽ معيار هڪ جهڙا هجڻ گهرجن. ا??ان کي خوشي آهي ته پهريون ڀيرو مدرسن ۾ به جديد نصاب پڙهايو پيو وڃي. هن چيو ته اڳ ۾ ا??ان گهرن ۾ ناظره قرآن پڙهندا هئاسين، هاڻي اسڪولن ۾ به پڙهايو ويندو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن ۾ سيرت النبي ﷺ ضرور پڙهائي وڃي. هن ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي حوالي ??ان تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان ايندڙ اليڪشن کي بامعنيٰ ۽ هڪ اهڙي اليڪشن بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن تي سمورن ماڻهن جو اعتماد هجي، ان ۾ اي وي ايم جو استعمال بنيادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته جلد کان جلد قانوني مرحلا طئي ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز کي آڻڻ ضروري آهي، ا??ان ايندڙ 15 ڏينهن ۾ فيصلائتا قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون ۽ سمجهون ٿا ته مخالف ڌر کي به ان تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ ڊيمو پڻ پيش ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ملڪ ۾ راندين جي معيار جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بين الصوابائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته راندين جي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم اولمپڪس ۾ پاڪستاني ايٿيليٽس ۽ اسپورٽس فيڊريشن جي ڪارڪردگي جي حوالي ??ان سمورن معاملن کي نئين سر ڏسڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي نئين اسپورٽس پاليسي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا جي هدايتن جي روشني ۾ گهرو سيڪريٽري پاران اهم سرڪاري شخصيتن جي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول بابت اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن وقت اسلام آباد پوليس جو ڪل خرچ سيڪيورٽي 954.6 مل??ن رپيا آهي، صدر، وزيراعظم، وزيرن، صلاحڪارن ۽ معاونين جو ساليانو خرچ 454.3 مل??ن رپيا ساليانو آهي، عدليه جو خرچ 304.5 مل??ن رپيا، پنجاب پوليس جو مجموعي خرچ 2509.7 مل??ن رپيا ساليانو آهي، وزيراعظم، گورنرز ۽ وڏن وزيرن جو 427 مل??ن رپيا ساليانو، اڳوڻن وڏن وزيرن ۽ وزيرن ۽ بيوروڪريٽس تي 105.87 مل??ن رپيا ساليانو، لاهور ۾ عدليه جو خرچ 1143.17 مل??ن رپيا ساليانو آهي جڏهن ته ٻيا خرچ 833.616 مل??ن رپيا ساليانو ۽ مجموعي خرچ 2509 مل??ن رپيا ساليانو آهي. اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ وزيرن جو خرچ 222.18 مل??ن ساليانو، صلاحڪارن ۽ معاونين 24.36 مل??ن ساليانو، عدليه 501.48 مل??ن ساليانو، حاضر سروس شخصيتون 646.8 مل??ن رپيا ساليانو، ٻيا 768.18 مل??ن رپيا ساليانو، مجموعي خرچ 2448 مل??ن رپيا ساليانو آهي. تجويز ڪيل قدمن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ بچت اسلام آباد پوليس 199.14 مل??ن رپيا ساليانو، پنجاب 356.88 مل??ن رپيا ساليانو، خيبرپختونخواهه پوليس 998.34 مل??ن رپيا ساليانو، ايف سي 80.36 مل??ن رپيا ساليانو ۽ ڪل بچت 1634 مل??ن رپيا ساليانو آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم هائوس پنهنجا خرچ اڌ کان به گهٽ ڪيا آهن. اهڙي طرح ايوان صدر جي ??رچ?? ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هڪ ارب 57 ڪروڙ رپيا قومي ناڻي ۾ واپس جمع ڪرايا آهن. هن وقت وزيراعظم هائوس ۽ اسپيڪر جي ??رچ?? ۾ گهٽتائي اربين رپين جي آهي. گذريل دورن جي ڀيٽ ۾ موجوده دور ۾ سيڪيورٽي تي ايندڙ ??رچ?? ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل دورن ۾ جاتي امراء ۽ لاهور ۾ ماڻهو پنهنجي گهرن کي ڪئمپ آفيسز ڊڪليئر ڪري ڇڏيندا هئا ۽ سمورو خرچ حڪومت کي ادا ڪرڻو پوندو هو، موجوده دور ۾ وزيراعظم پنهنجي گهر ۾ رهي ٿو ۽ سواءِ سيڪيورٽي جي سمورو خرچ پاڻ ڪري ٿو. ايتري تائين جو وزيراعظم پنهنجي گهر تائين رستو به قومي ناڻي ??ان ناهي ٺهرايو. هن چيو ته وزيراعظم ??رچ?? ۾ احتياط ڪري ٿو ته پوءِ بيوروڪريسي کي به ??رچ?? ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪورونا جي حوالي ??ان سرڪاري ادارن جي ملازمن جي ويڪسي نيشن تي هيستائين جي اڳڀرائي کان وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو. تعليم واري وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته 86 سيڪڙو اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استادن ۽ اسٽاف جي ويڪسي نيشن ٿي چڪي آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته اميد آهي ته صوبائي حڪومتون ۽ ٻيا ادارا به ان حوالي ??ان موثر قدم کڻندا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اطلاعات واري وزارت ۾ اٽڪل 97 سيڪڙو ماڻهن جي ويڪسي نيشن مڪمل ٿي چڪي آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته پاڪستان پوسٽ جي مهانگي زمين کي موثر طريقي ??ان استعمال ۾ آڻڻ ۽ ان جو صحيح ۽ منافعو ڏيندڙ استعمال يقيني بڻائڻ جي حوالي ??ان ڪابينا ليز اينڊ ٽيننسي پاليسي 2020ع جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي ملڪيت هيٺ 4275 ملڪيتون آهن جن مان 838 ڊيپارٽمينٽل بلڊنگز، 120 پلاٽس ۽ 43 انسپيڪشن ڪوارٽرز آهن. انهن ملڪيتن کي هيستائين انهن جي صلاحيت موجب استعمال نه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب موجوده حڪومت پاران پاليسي فيصلو ڪيو ويو آهي ته جن حڪومتي ملڪيتن کي هيستائين استعمال ناهي ڪيو ويو، انهن جو موثر استعمال يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي ??ان ڪابينا پاڪستان پوسٽ جي ليز پاليسي جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پهرين فيز ۾ 21 ملڪيتن کي ليز ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا محترمه شازيه عدنان کي انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ڪراچي ۾ موجود وفاقي حڪومت جي 104 ايڪڙ زمين جي تڪرار جي حل جي حوالي ??ان پيش ڪيل تجويز جي پڻ منظوري ڏني. اها زمين 1980ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي 99 سال جي ليز تي ڏني وئي هئي پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وٽ اٽڪل 48 ايڪڙ زمين هئي جڏهن ته باقي زمين ٻين ادارن جن ۾ ڪي ڊي اي، آرمي اسٽيشن هيڊڪوارٽرز، نيشنل اسپورٽس ٽريننگ اينڊ ڪوچنگ سينٽر، آغا خان يونيورسٽي اسپتال وغيره شامل آهن، وٽ هئي. ان معاملي جي حل جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران لاڳاپيل وزارتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جن جي سفارشن جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا ان زمين جي حوالي ??ان معاملن جي حل بابت تجويز جي منظوري ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ۾ بطور چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ٿيندڙ سرڪاري آفيسرن جي مقرري جي شرطن ۽ ضابطن جي منظوري ڏني. ان ۾ انهن آفيسرن کي مل??دڙ پگهار، مختلف مراعتون وغيره شامل هونديون آهن. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ماسٽر پلان کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ان اهم ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا ان حوالي ??ان قائم فيڊرل ڪميشن جي نمائندن ۾ تبديليون ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان ڏس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميجر جنرل (ر) فرخ جاويد هلال امتياز مل??ري ڪميشن جو چيئرپرسن هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ مراد جمالي (آرڪيٽيڪٽ)، سڪندر عجم (آرڪيٽيڪٽ/ پلانز)، وائيس چيئرمين پلاننگ پاڪستان ڪائونسل آف آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلانرز، سرڪاري يا نجي شعبي مان ڪو ماهر ۽ ڊي جي/ ڊپٽي ڊي جي پلاننگ سي ڊي اي شامل هوندا جڏهن ته ان ڪميشن مان نويد اسلم ۽ سلمان منصور جا نالا ختم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. ان ??ان گڏوگڏ وفاقي گادي واري شهر جي مختلف زونز ۾ ضابطن جي خلاف تعميرات جي حوالي ??ان فيصلو ڪرڻ جي حوالي ??ان ڪميٽي قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اسلام آباد ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ ۽ يونين ڪائونسلز جي انگ جي تعين جي حوالي ??ان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. ڪابينا کي تجويز پيش ڪئي وئي هئي ته 2017ع آدمشماري موجب سراسري 20 هزار آبادي تي ٻڌل يونين ڪائونسل جي حساب ??ان يونين ڪائونسلن جي انگ جو تعين ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪابينا ميراج گل کي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ان کانسواءِ ڪمپيٽيشن اپليٽ ٽربيونل ۾ ٽيڪنيڪل ميمبرز جي مقرري جي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪورنگي فشنگ هاربر جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي جڳهه تي مقرري جي حوالي ??ان ڪابينا فيصلو ڪيو ته مستقبل ۾ ٿيندڙ مقررين ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته لاڳاپيل شعبي ۾ تجربو رکندڙ نجي شعبي جا ماڻهو به ان عمل ۾ شريڪ ٿي سگهن ته جيئن بهترين افرادي قوت جي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ٻڌايو ته ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري نادر ممتاز کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ چيئرمين جي اضافي چارج ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا نيشنل ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ جي بورڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا پاڪستان نيشنل ڪوالٽي پاليسي 2021ع جي منظوري ڏني آهي. ان پاليسي جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٺهندڙ درآمدات، برآمدات ۽ ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ سموريون شيون معياري ۽ طئي ٿيل اسٽينڊرڊز ??ان هڪ جهڙائي رکن ٿيون. هن چيو ته اها پاليسي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ا??ان وٽ واپار ۾ عالمي معيارن کي برقرار نه ٿو رکيو وڃي. هي پاليسي ا??ان جي صنعت لاءِ تمام اهم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اداراجاتي سڌارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 15 جولاءِ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني وئي. انهن مان هڪ اهم فيصلو اهو آهي ته وارنٽ آف پريسيڊنٽس، پاڪستان فليگ، ڪورٽ آف آرمز، نيشنل ايمبلم، مونوگرام، سيل، اسٽينڊرڊ ٽائم ۽ عام موڪل جا مضمون گهرو وزارت کان ڪابينا ڊويزن منتقل ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 11 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ان اجلاس ۾ نيشنل ريمي ٽينس لائيلٽي پروگرام يعني ٻاهرئين ملڪن مان موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ان حوالي ??ان مراعتون ڏيڻ جو پروگرام شامل آهي. هن ٻڌايو ته نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 10 آگسٽ 2021ع ۽ قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 6 آگسٽ 2021ع ۽ 12 آگسٽ 2021ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ منظوري ڏني وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين کي ٻيهر واپڊا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. سندس ڪردار مثالي رهيو آهي، هن وقت 10 ڊيم ٺهي رهيا آهن، اميد آهي هو پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا تجويز ڪيل اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ايڪٽ جي مسودي جي منظوري ڏيندي ان کي قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني آهي. پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سينيٽ جي ڪميٽي تجويز ڏني هئي ته ميڊيا جا جيڪي ادارا پگهارون ادا نه ڪري رهيا آهن، انهن جا اشتهار روڪيا وڃن، ان وقت به (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي گڏجي ان کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڪا شيءَ ميڊيا جي خلاف آهي ته ان بابت آگاهه ڪيو وڃي، ا??ان ان کي تبديل ڪري ڇڏينداسين. اڃا تائين ڪنهن هڪ اداري ڪنهن هڪ تجويز بابت ناهي چيو ته فلاڻي شق ميڊيا جي آزادي جي خلاف آهي. رڳو اهو چوڻ ته اها ميڊيا جي آزادي جي خلاف آهي، مناسب نه آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ان مسودي جو مطالعو ڪريو، شقوار جائزو وٺو، جيڪڏهن لڳي ٿو ته اهو ميڊيا جي خلاف آهي ته ا??ان ان کي بدلائي ڇڏينداسين. هن چيو ته ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته ا??ان ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي عدم ادائيگي ۽ ٻين معاملن جي لاءِ ٽربيونل ??ان رجوع ڪرڻ جو حق نه ڏيون. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز ڪمزور طبقو آهي، اهو پاڻ اسٽينڊ نه ٿو وٺي سگهي، ان لاءِ ا??ان کي بيهڻو آهي، ا??ان ان شق کي نه بدلائينداسين، ان کانسواءِ جيڪا تبديلي ڪرڻي آهي ان جي لاءِ ا??ان تيار آهيون. طالبان کي تسليم ڪرڻ جي حوالي ??ان سوال جي جواب م اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان ترڪيءَ، چين سميت ٻين ملڪن ??ان مشاورت جي عمل ۾ آهيون، ا??ان اهڙو فيصلو ڪنداسين جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪن ??ان پوري مشاورت شامل هوندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪائونسل جي پڌرنامي ۾ افغانستان جي نئين حڪومت جي لاءِ اهو بنيادي شرط رکيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي. طالبان حڪومت جي ترجمان سهيل شاهين گذريل ڏينهن پنهنجي انٽرويو ۾ به چيو آهي ته هو قطعي طور تي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندا ته ڪو به عنصر افغانستان جي سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري. اي وي ايم جي حوالي ??ان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اي وي ايم تي قانونسازي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، ا??ان مخالف ڌر کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيون ٿا، انهن ??ان ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌي رهي آهي، ا??ان جو مسئلو اهو آهي ته ا??ان ان کي ڊيگهه نه ٿا ڏئي سگهون، ا??ان ايندڙ اليڪشن اي وي ايم تي ڪرائڻ چاهيون ٿا تنهن ڪري ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي هدايت ڪئي آهي ته هو جلد کان جلد ان کي حتمي شڪل ڏي.