اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ طئي ڪيو ??يو آهي ته هڪٻئي جي پ??رلياماني اڳواڻن جو احترام ڪيو ويندو انهن جي تقريرن ۾ غير قانوني طريقي سان مداخلت نه ڪئي ويندي، رولز جو احترام نه ڪرڻ، ايوان ۾ اُلرون ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي تي مخالف ڌر جي خدشن کي سامهون رکندي 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ??يو آهي، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ واپس ورتي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايوان ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعن کانپوءِ حڪومت مخالف ڌر سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان ۾ مخالف ڌر پاران اهو موقف اختيار ڪيو ??يو آهي ته قانونسازي آئيني گهرجون پوريون ڪندي قانون موجب ڪئي وئي آهي، جنهن تي ان جي جائزي لا??ِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ??يو آهي جيڪو انهن اعتراضن جو جائزو وٺندي ان ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کان 6، 6 ميمبر ش??مل ٿيندا ان کانسواءِ اها ڪميٽي قانوني طريقيڪار تي به غور ڪندي، جڏهن ته مخالف ڌر انهن بلن تي غور لا??ِ ڪميٽي جي قيام کانپوءِ عدم اعتماد جي رٿ واپس وٺندي