اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته دنيا جي امير ترين ملڪن گوبل وارمنگ جي مقابلي لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا، پاڪستان گرمي پد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڇنڇر 5 جون 2021ع تي ملهايو ويندڙ گڏيل قومن جي ”ماحوليات جي سالياني عالمي ڏينهن“ جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي، تازن سالن ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ شديد ٻوڏن سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب زرعي زمين به شديد متاثر ٿيندي آهي، برطانوي خابرو اداري رائٽرز سان ڳالهائيند?? و??يراعظم عمران خان سوال ڪيو ته ڇا ترقي يافته دنيا ان حوالي سان مناسب ڪم ڪيو آهي؟ جنهن جو جواب نفي ۾ آهي، هن چي?? ته ماحول دشمن گيسز جو وڌيڪ اخراج ترقي يافته ملڪن ۾ آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته انهن گئسن جي اخراج کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا ويا، و??يراعظم عمران خان چي?? ته هلندڙ سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ايڪ?? سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي جو آغاز ڪيو پيو وڃي. هن ايڪ?? سسٽم کي پهچندڙ نقصان جي خاتمي ۽ ان جي بحالي لاءِ تيز ترين قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ بحالي جا ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو به شامل آهي ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي دوران وزيراعظم ان مهم تحت اربين وڻ لڳايا آهن