اسلام آ??اد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين سان پ??جا?? بار ڪائونسل جي وفد جي ملاقات ڪئي. پ??جا?? بار ڪائونسل پنهنجون چونڊون بايوميٽرڪ طريقي سان ڪرائڻ لاءِ حڪومت کان سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو ته حڪومت پ??جا?? بار ڪائونسل کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي سهولت فراهم ڪندي. وڪيل برادري کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي باري ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ علي ظفر سان گڏ بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته حڪومت ۽ وڪيل برادري جي مسئ??ن کان آگاهه آهيان، وڪيلن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ينگ لائيرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت 10 لک روپين تائين قرض فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.