ڪراچي – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم اڪي??مي جي لائبريري ۾ سمورن ناياب ڪتابن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪالرز ۽ محققن جي انهن تائين پهچ کي ??ڌيڪ آسان بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم اڪي??مي ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شامل سندس ساٿين جي حوالي سان تحقيق جي لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته اهو قومي تاريخ کي ??حفوظ بڻائڻ جو انتهائي اهم پليٽ فارم آهي جنهن ۾ بنيادي ڌيان پاڪستاني ثقافت، سماجيات، سياست ۽ ملڪي تاريخ جي اقتصادي رخن جي حوالي سان تحقيق، اشاعت ۽ ترويج تي آهي. صدر اڪيدمي جي پهرين ڊائريڪٽر پروفيسر شريف المجاهد ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان کي ??ڪ فعال تحقيقي ۽ اشاعتي مرڪز بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اڪي??مي ۾ تحقيقي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ قائداعظم اڪي??مي جي ڊائريڪر صدر کي بريفنگ ڏني. صدر کي اڪي??مي جي انتظامي معامل?? ۽ ??اص طور تي تحقيق ۽ اشاعت جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر کي ??ڌايو ويو ته اڪي??مي قائم ڪرڻ کانپوءِ هيستائين انگريزي، اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ 80 ڪتاب شايع ڪيا ويا جيڪي رعايتي اگهن تي فراهم ڪيا پيا وڃن.