اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي جيڪو معاشي ترقي ۾ ان??هائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ ۾ ??اح??لياتي تحفظ لاءِ جيڪي قدم موجوده حڪومت کنيا آهن انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سي اي او راوي اربن ڊل??مي??ٽ اٿارٽي وزيراعظم کي راوي سٽي ۾ ٿي??دڙ اڳڀرائي، خاص طور تي بڊنگ جي آغاز، ??اح??لياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تجويز ڪيل لائحه عمل، زمين حاصل ڪرڻ ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت لاڳاپيل معاملن کي فاسٽ ٽريڪ جي بنيادن تي اڪلائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، راوي سٽي جي مختلف زونز جي ڊول??مي??ٽ ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي منصوبي ۾ گهري دلچسپي، خاص طور تي اڄ راوي سٽي جي هڪ زون جي لاءِ 5 مشهور سيڙپڪار گروپس طرفان بڊنگ جي آغاز ۽ مستقبل ۾ نئين زونز ۾ لينڊ ڊول??مي??ٽ لاءِ عالمي ڪنسورشيم طرفان دلچسپي تي به اجلاس کي بريف ڪيو ويو. اجلاس کي راوي سٽي ۾ ٽيڪنالاجي زون ۽ نالج سٽي جي زونز جي ڊول??مي??ٽ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي سهڪار ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي حوالي سان ٿي??دڙ شروعاتي اڳڀرائي، ايشين ڊول??مي??ٽ بئنڪ جي فنانسنگ سان ويسٽ اوٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي قيام، زمين حاصل ڪرڻ ۾ زمين مالڪن کي مناسب قيمتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ معاملن ۾ فيصلائتي اڳڀرائي، گرين ايرياز جي قيام کي يقيني بڻائڻ ۽ مشهور يونيورسٽين سان راوي اربن ڊول??مي??ٽ ينگ ليڊرز پروگرام تحت نوجوانن جي لاءِ ملازمت جي تجويز ڪيل پروگرام تي به وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.