اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو هڪ سا?? مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال ج?? خلاف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم کي اجاگر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پ??هنجي پ??غام ۾ به گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل سا?? پنهنجي خطاب جو دفاع ڪندي چيو ته ڀارت جي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متاثر ٿيڻ جي باوجود هو ڀارت جي قدمن ج?? خلاف ڳالهه ڪندو ۽ ڀارت جي ناانصافي تي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀارت ج?? خلاف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.