اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجوده حڪومت تعميراتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ ۾ تعميرات ۽ ان س??ن واڳيل صنعتن جي فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن جي لا??ِ ??وزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفي?? پاران سوشل ميڊيا تي جاري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مرلي جي گهر تي رڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي گهر تي رڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا تعميراتي شعبي جي لا??ِ ??کيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج سان نه رڳو عام ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پر ملڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ ه??ند?? جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو انگ اهڙو آهي جنهن جو دارومدار تعميراتي شعبي س??ن واڳيل آهي.