اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪورونا وائرس بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رضاڪارن جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽائيگرفورس جي ذميداري ۾ شامل آهي، ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي باقاعده ڪارڊز جاري ڪيا ويندا، ٽائيگر فورس مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به معلومات ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽائيگر فورس جا رضاڪار ??م ڪندا، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ به رضاڪار فورس پنهنجو ڪردار ??دا ڪندي، پاڪستان وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، ڪورونا جي ڪري ٽيڪس وصولين ۾ 800 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، اڳوڻين حڪومتن جي قرضن تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ??دا ڪري چڪا آهيون، بجيٽ جي تياري جاري آهي، خرچا وڌيڪ گهٽ ڪرڻا ??وندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.