ڪراچي – 07 مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو واپاري مرڪز آهي، ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نئين بلدياتي نظام تحت وڏن شهرن جو پنهنجو نظام هوندو، ڪراچي پاڪستان جو حب آهي، هتان جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ڪراچي بهتر ٿيندو ته پاڪستان بهتر ٿيندو، گذريل حڪومت جي دور ?? پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز لاهور تي خرچ ٿيا، لاهور بهتر ٿيو پر باقي علائقا ترقي کان محروم رهيا، اسان اهڙو بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ميئر ۽ ناظم جي سن??ي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ تي ڪراچي جي ماڻهن سان معذورت خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي دور ?? ڪراچي ۾ شروع ڪيل 5 منصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن فلائي اوورز ۽ ٻن رستن جي تعمير شامل هئي.