اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر معذور ماڻهن لاءِ خص??صي پارلياماني ڪميٽي جي قيام ۽ هر ممڪن حد تائين قانونسازي ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اصل هيرو ته اهي ماڻهو آهن جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي معذور ۽ معاشري جي ڪمزور ماڻهن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پارليامينٽ خص??صي ماڻهن کي مايوس نه ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ خص??صي ماڻهن جي حوالي سان عالمي سطح تي ملهائجندڙ ڏينهن جي مناسبت سان ت??ريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر چيو ته ان ت??ريب جي انعقاد جو بنياد منهنجي ڌيءَ ظله بني آهي.