اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن جي وفد محمد احمد جي سربراهي ?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر ملڪي ترقي جي لاءِ واپاري سرگرمين ۽ روانگي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد سان ڳالهه ٻول??ه ڪندي صدر چيو ته ملڪ ۾ انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ آءِ ٽي جي روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر کي م??ڪي معيشت ۽ روانگي واپار ۾ اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن جي ڪردار بابت آگا??ه ڪيو. وفد صدر کي اسلام آباد جي صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن بابت پڻ بريفنگ ڏني. صدر ملڪي معيشت ۽ روانگي واپار ۾ اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيو.