اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقا??ت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور احتجاج جو صحيح طريقو نيٺ اختيار ڪري ورتو، مهذب معاشرن ۾ احتجاج پرامن ئي هوندو آهي ۽ ڪم به هلندو رهندو آهي، زندگي مفلوج نه ٿيندي آهي. علي امين گنڊاپور جي بيان تي تبصرو ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران 10 مهينن ۾ پهريون ڀيرو احتجاج جو صحيح ا??دا?? اختيار ڪرڻ ساراهه جوڳو ??هي، ڪاش هو 26 نومبر ۽ 9 مئ?? تي به چڙهائي ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪرڻ بدران ائين ئي ”اوو اوو“ ڪري احتجاج ڪن ها. هن چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته انتشار، فساد، جلاءُ گهيراءُ توهان جو شيوو آهي.