اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪا??ينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو جي رجسٽريشن/سڃاڻپ، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ جي سيڪشن 3 (7) ۾ ترميم تي قانونس??زي?? انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي پريس آفيسرز مقرري جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن، زندگي بچائيندڙ ميڊيڪل اوزارن جي قيمتن جي تعين جي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪا??ينا کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪا??ونسل جي غيرمستقل ميمبر طور ٻن سالن جي مدي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي. وفاقي ڪا??ينا سفارتي محاذ تي ان وڏي ڪاميابي کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته گوادر بندرگاهه تان گذريل ٽن مهينن ۾ پبلڪ سيڪٽر درآمدات جا تفصيل وفاقي ڪا??ينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا وڃن. وفاقي ڪا??ينا، ڪا??ينا ڊويزن/ سيڪريٽريٽ جي سفارش تي پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪشن (ري آرگنائيزيشن) ايڪٽ جي سيڪشن 3 (7) ۾ ترميم تي قانونسازي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ بطور پريس آفيسرز مقرري جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن جي منظوري جي سفارش ڪري ڇڏي. انهن قاعدن ۽ ضابطن جي نتيجي ۾ انفارميشن گروپ آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ مقرري جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻائي سگهبو. وفاقي ڪا??ينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو جي رجسٽريشن/سڃاڻپ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هيومن رائيٽس ڪيس نمبر 623- پي / 2017 جي فيصلي جي روشني ۽ قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي زندگي بچائيندڙ ميڊيڪل اوزارن جي قيمتن جي تعين جي لاءِ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل اينڊ پلانٽ هيلٿ اٿارٽي بل کي پارليامينٽ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي 17 ڊسمبر 2024ع تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جڏهن ته سٽيزن شپ ايڪٽ ۾ ترميمن جي توثيق ملتوي ڪئي وئي. وفاقي ڪا??ينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 18 ڊسمبر 2024ع تي منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا رياستي ملڪيتي اداران بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي 24 ڊسمبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.