اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ سندن خود اراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. فلسطينين سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سردار اياز صادق فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. سندس چوڻ هوته فلسطين ۾ گذريل سال کان جاري اسرائيلي جارحيت سبب 44 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، شهيدن جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جو وڏو انگ شامل آهي. اسپيڪر چي?? ته اسرائيلي جارحيت دوران هڪ لک فلسطيني زخمي ۽ لکين بي گه?? ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي، عالمي برادري فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ فلسطين مسئلي جو حل اڻٽر آهي. سردار اياز صادق چي?? ته اسرائيلي فوج طرفان ٻارن، عورتن ۽ معصوم شهرين جو قتل عام انتهائي شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. فلسطين مسئلي جو واحد حل 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست جو قيام ۽ بيت المقدس کي ان جو گادي وارو شهر بڻائڻ آهي. هن چي?? ته اسرائيلي جارحيت فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق جي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي ??يا??ي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.