اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ خوارج جي افغانستان مان پاڪستان ۾ داخ?? ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٽن خوارج جهنم و??صل ڪرڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻ?? صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري ملڪ جي سرحدن جي حفاظت تي مقرر پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ساراهه جي لائق آهن.