اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطاء?? الله تارڙ چ??و آهي ته ”جيل مان آزاد ڪريو ته احتجاج ملتوي ڪندس“ جو بيان قيدي جي فرسٽريشن ۽ گهٻراهٽ جو اعتراف آهي، ثابت ٿيو ته 24 نومبر تي انتشار جي ڪال جو مقصد ”ڊيل“ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. باني پي ٽي آءِ جي جيل مان بيان تي تبصرو ڪندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته جيڪو چوندو هو ته ڊيل نه ڪندس، هاڻي ”ڊيل ڪريو، ڊيل ڪريو“ جون صدائون هڻي ره??و آهي ۽ وفاق تي لشڪرڪشيءَ ڪرڻ تي بضد آهي. توهان سان ڊيل رڳو ”قانون“ ڪندو جنهن جا توهان ڏوهاري آهيون.