اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورن سرڪ??ري ادارن ۾ شفاف ??ريقي سان خريد??ري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ وڌندو، سرڪ??ري ادارن ۾ خريد??ري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پروڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ج?? صدارت ۾ پبلڪ پروڪيورمنٽ ۽ گڊ گورننس جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سمورن سرڪ??ري ادارن ۾ شفاف ??ريقي سان خريد??ري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ وڌندو. وزيراعظم پيپرا (پي پي آر اي) ۾ سڌارا آڻي ان کي ڪنهن به قسم جي اثررسوخ کان پاڪ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن سرڪ??ري پروڪيورمن??س ۾ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن بشمول ڪوالٽي انشورنس يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ پروڪيورمنٽ ايجنسي کان هٽي ڪري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيپرا ۾ ميرٽ تي باصلاحيت، پيشيور ۽ گهربل تجربو رکندڙ ماهر مقرر ڪيا وڃن. وزيراعظم سمورن سرڪ??ري ادارن کي اي پروڪيورمنٽ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سرڪ??ري ادارن ۾ خريد??ري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پروڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا وڃن، سرڪ??ري معاملن ۾ شفافيت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيپرا آرڊيننس ۽ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن جو جائزو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهي ترميمون جلد وفاقي ڪابينا جي منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون، انهن ترميمن جو مقصد پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت ۽ انهن کي موجوده دور جي گهرجن موجب آڻڻ آهي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم و??ري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي و??ري وفاقي وزير اورنگزيب خان، آءِ ٽي و??ري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پيپرا بورڊ ميمبرن، ورلڊ بئنڪ ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.