اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته وزارت بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪنٽينر مئنيجمينٽ کي بهتر بنا??ڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ميري ٽائم شعبي مالي سال 24-2023ع ۾ 430000 ميٽرڪ ٽن استعمال ٿيل ڪپڙي جي آمدني و??پار ۾ سهولت فراهم ڪئي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ گردشي ۽ استعمال ٿيل ٽيڪسٽائل ٽريڊ تي قومي ??اليسي ڊائلاگ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن پائيدار ترقيءَ جي پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ)، گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام (يو اين اي پي)، يورپي يونين (اي يو) جي گردشي ۽ استعمال ٿيل ٽيڪسٽائل جي و??پار بابت پراجيڪٽ ۾ سهڪار بابت خيالن جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي بندرگاهه جهاز راني جي بنيادي ڍانچي جي سهڪار سان مالي سال 24-2023ع ۾ 4 لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ استعمال ٿيل ڪپڙو پاڪستان پهتو. هن چيو ته مقامي ??عيشتن، روزگار جي تخليق ۽ ٽيڪسٽائل جي ري سائيڪلنگ جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ ان آمدني و??پار جي اثرائتي هيڊلنگ ضروري آهي. قيصر احمد شيخ وڌيڪ چيو ته تمام وڏي پائيداري جي ايجنڊا جي هڪ حصي طور تي سامونڊي و??ارت جهاز راني دوران ڪاربن جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صاف ٻارڻ ۽ توانائي جي بچت تي ٻَڌل ٽيڪنالاجيز اختيار ڪرڻ سميت گرين شپنگ جو متبادل به ت??اش ڪري رهي آهي. اهي قدم انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائزيشن جي طئي ڪيل عالمي ??احولياتي معيارن مطابق آهن جيڪي پاڪستان جي سامونڊي شعبي جي موسمياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي يقيني بڻائين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته وزارت جو انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ وارو عزم پاڪستان جي تمام وڏي پائيداري جي مقصدن سان هم آهنگ آهي جيڪا سرڪلر اڪانومي ۽ ذميدار ٽيڪسٽائل واپار ۾ ملڪ جي ڪردار کي تقويت ڏئي ٿي. وفاقي و??ير وڌيڪ چيو ته ميري ٽائم افيئرز عالمي ڀائيوارن خاص طور تي يو اين اي پي ۽ اي يو سان گڏجي ڪم جاري رکندو پيو اچي ته جيئن اهڙيون پاليسيون تيار ڪيون وڃن جيڪي ٽيڪسٽائل جي عالمي و??پار ۾ پاڪستان جي ڪردار کي وڌائي سگهن.