اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏيل ??وم?? ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ناڻي واري وزير جي مختلف شراڪتدارن، مالياتي ادارن، واپاري ۽ سيڙپڪاري بئنڪن، ٻه طرفي شراڪتدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ حڪومتي عهديدارن سان منعقد مشاورت ۽ ڳ??لهين تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائيءَ بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي منير اڪرم پاڪستان ط??فان موسمياتي انصاف جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ، موسمياتي مالي معاونت ۾ اضافي ۽ اُسرندڙ ملڪن جي امداد لاءِ واپاري سڌارن کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي جلد کان جلد فعال ڪرڻ، 2021ع جي اسپيشل ڊرائينگ رائٽس الاٽمينٽ جو 50 سيڪڙو ٻيهر ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۽ گڏيل ??وم?? ۾ بين الحڪومتي عمل ذريعي سيڪريٽري جنرل طرفان پائيدار ترقيءَ جي هدفن لاءِ تجويز ڪيل قدمن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. منير اڪرم ترقي يافته ملڪن ط??فان پنهنجي مجموعي ??وم?? آمدنيءَ جو 0.7 ??يڪڙو سرڪاري ترقياتي امداد جي فراهمي جي عزم کي پوري ڪرڻ لاءِ واضح ۽ مختلف وقتن تي ٻَڌل روڊ ميپ واضح ڪرڻ ۽ گڏيل ??وم?? تحت اوسرندڙ ملڪن ۾ پائيدار بنيادي ڍانچي ۾ سرڪاري ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نظام جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ڪوششن تي به روشني وڌي ته جيئن قرضن جي بار هيٺيان دٻيل ملڪن لاءِ تيز ۽ منصفاڻي قرض معافي ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي سهولت فراهم ڪري سگهي.