اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروب??ري سرگرمين، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو، حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي سهولت ۽ ٻاهرئين سيڙپڪ??ري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل هجڻ جي باوجود ٽيڪس چوري ڪن ٿا ۽ آفيسر جيڪي انهن جي چوري ۾ مدد ڪن ٿا انهن جي خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ????ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ توهان ??ڀني جي ڪوششن سان پاڪستان ??ي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، اسٽيٽ بئنڪ به وياج جي شرح ۾ 250 پوائنٽس جي گهٽتائي ڪري ڇڏي. هن چيو ته 250 پوائنٽس جي گهٽتائي سان وياج جي شرح 17.5 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروب??ري سرگرمين، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي، قومي ۽ عالمي ادارا ملڪي معيشت جي استحڪام جي گواهي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچائيندڙن جا ناپاڪ منصوبا ناڪام ٿيا، ملڪ جي بقاءَ جي خاطر پنهنجي سياست جي قرباني ڏيندڙن کي تاريخ سدائين سٺن لفظن ۾ ياد رکندي. هن چيو ته مورخ جڏهن تاريخ لکندو ته وا??ح طور تي ملڪ جي خيرخواهن ۽ آءِ ايم ايف کي قرض ڏيڻ کان ??وڪڻ جي لاءِ خط لکندڙن بابت لکندو، توهان ??ڀ اهي عظيم ماڻهو آهيو جن پنهنجي سياست جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ 24 ڪروڙ عوام بابت سوچيو، سعودي عرب ج?? تازي دوري ۾ پاڪستان ??عودي سيرپڪ??ري حصيد??ري ۾ نئين باب ج?? اضافو ٿيو. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ سعودي قيادت خاص طور تي ولي عهد محمد بن سلمان ??ان ??فصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي عرب پاڪستان ??و پراڻو دوست ۽ حصيدار آهي، سعودي قيادت پاڪستان ??ي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته سعودي عرب ج?? پاڪستان ۾ تازي سيڙپڪ??ري جو ڪاٿو 2.2 ارب ڊالر مان وڌي 2.8 ارب ڊالر ٿي ويندو، پنهنجي قطر جي دوري دوران قطري قيادت پڻ پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي اضافي جي خاطري ڪرائي، پاڪستان ?? قطري سيڙپڪ??ري جي 3 ارب ڊالر کي منصوبن جي شڪل ڏيڻ جي ڳالهه ٿي، قطر پاڪستان ??ي هوابازي، هوٽلنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي سميت ٻين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪ??ري ڪندو، حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي سهولت ۽ ٻاهرئين سيڙپڪ??ري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي هر شعبي ۾ سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪري رهيا آهيون، ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏين ٿا اهي پاڪستان ??ا سفير آهن، انهن جي تڪريم ڪئي وڃي، اهڙا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي اهل هجڻ جي باوجود ٽيڪس چوري ڪن ٿا ۽ آفيسر جيڪي انهن جي چوري ۾ مدد ڪن ٿا انهن جي خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پارلياماني پارٽي کي قومي اسيمبلي ۾ مجوزه قانونسازي جي بل جي حوالي سان پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو.