اسلام آباد -30 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ??اڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ۾ ڊيره اسماعيل خان مان چونڊيل ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي به ساڻس گڏ هو. گورنر چشمه ليفٽ ڪينال ۾ اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ت?? سعودي حڪومت، سعودي سفير ۽ اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جو ٿورو ادا ڪيان ٿو. گورنر چيو ت?? هي منصوبو صرف ڊيره اسماعيل خان ۽ ڪي پي ڪي لاءِ ئي نه پر پاڪستان جي ??رق?? ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي جنهن سان هن خطي ۾ زرعي انقلاب ايندو ۽ معاشي ??رق?? جا نوان رستا کلندا.