اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف انتشار جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي اندروني ڌڙابندي کي پارليامينٽ جي کاتي ۾ نه وجهي، پي ٽي آءِ جو هڪ گروهه پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻيو ٻاهر آهي، پي ٽي آءِ وارن آ??ين?? ترميم جي مسودي تي ڳالهيون ڪيون، جيڪڏهن انهن کي اعتراض هو ته ڳالهين ۾ شامل ڇو ٿيا؟ توهان انڪار ڪري ڇڏيو ها، انهن پنهنجي ميمبرن کي اونداهي ۾ رکيو، پي ٽي آءِ ميمبرن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوڙي پروپئگنڊه ڪئي وئي، چئن ميمبرن آ??ين?? ترميم تي آزاد حيثيت سان ووٽ وڌو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 26هين آ??ين?? ترميم جي منظوري ۾ سمورن قانوني عملن کي ??ور?? ڪيو ويو، ان تي سياسي اتفاق قائم ڪيو ويو، ڪنهن به قسم جي جلدبازي نه ڏيکاري وئي. هن چيو ته 26هين آ??ين?? ترميم تي مشاورت ۾ ٻه کان اڍائي مهينن جو عرصو لڳو، مولانا فضل الرحمان جو مطالبو هو ته ان آ??ين?? ترميم کي ايس سي او کانپوءِ غور هيـٺ آندو وڃي، ان ۾ تعطل به آيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پاڻ چيو ته 90 سيڪڙو خدشا ختم ٿي ويا آهن، آ??ين?? ترميم جي مسودي تي اتفاق راءِ موجود هو، ان ۾ سمورين پارٽين جي راءِ شامل ه??ي ۽ پي ٽي آءِ جي چوڻ تي به شقون خاص طور تي ڪڍيون ويون. هن چيو ته پارلياماني ليڊر کي پنهنجي ميمبرن کي ٻڌائڻو هوندو آهي ته انهن کي ووٽ ڪٿي وجهڻو هوندو آهي، پي ٽي آءِ نه ته پارلياماني پارٽي جي ميٽنگ ڪ??ي ۽ نه ئي انهن ميمبرن کي ٻڌايو، جن ميمبرن ووٽ وڌو اهي آزاد ميمبر هئا، نه ئي انهن کي ڪا هدايت ملي ه??ي ۽ نه ئي انهن کي ڪو قانوني نوٽيس موڪليو ويو هو، اهي آزاد حيثيت سان ايوان ۾ موجود هئا، ميڊيا ۾ انهن ميمبرن جي باقاعده سڃاڻپ ٿي، پي ٽي آءِ ان معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪ??ي ۽ ميمبرن کي اغوا ڪرڻ جو الزام هنيو. هن چيو ته انهن چئن ميمبرن ضمير جي آواز تي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجي مرضي سان ووٽ وڌو. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف انتشار جو شڪار آهي، تحريڪ انصاف جو هڪ گروهه اسيمبلي ک??ن ٻاهر ۽ ٻيو اسيمبلي جي اندر ويٺل آهي، هڪ گروهه چوي ٿو ته ڪميٽي ۾ نه ويهو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ماڻهو ڳالهه ٻولهه ۾ شامل هئا، انهن پنهنجي مرضي سان ڳالهيون ڪيون، آ??ين?? ترميم جي هڪ هڪ شق تي انهن پنهنجي راءِ ڏني، مسودي کي متفقه قرار ڏنو ۽ چيو ته 90 سيڪڙو اتفاق ٿي ويو آهي ۽ ان کانپوءِ اهو چيو ته مسودي تي اتفاق نه هو. تحريڪ انصاف پنهنجي ماڻهن کي اونداهي ۾ رکيو، انهن پنهنجي ميمبرن کي بريف نه ڪيو، اڄ انهن جي طلبي ٿي ۽ انهن کان پڇيو ويو ته توهان ڪنهن کان پڇي نالا ڏنا آهن، هي پنهنجي ويڙهه کي پارليامينٽ جي مٿان وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، انهن جي اندر اتفاق نه آهي، جيڪڏهن توهان کي ڳالهين ۾ حصو نه بڻجڻو هو ۽ آ??ين?? مسودي تي ڳالهه نه ڪرڻي هئي ته توهان نه ڪريو ها، توهان ڇو مولانا فضل الرحمان وٽ بار بار ويا؟ توهان ان کي چئو ها ته اسان کي ڳالهه ٻولهه ناهي ڪرڻي. توهان پارلياماني ڪميٽي جي لاءِ نالا به پنهنجي مرضي سان ڏنا، پنهنجي مرضي سان ان ۾ شريڪ نه ٿيا، توهان جا پاڻ ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا چار گروپ آهن جيڪي هتي پاڻ ۾ وڙهن ٿا. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي گهرجي ته اها پنهنجي پارٽي ۾ معاملن کي صحيح ڪري. آ??ين?? ترميم تاريخي دستاويز آهي جيڪا هن ايوان ۾ منظور ڪئي آهي، ان جو عوام کي فائدو ٿيندو ۽ عام ماڻهو جا ڪيس ترجيحي بنيادن تي ٻڌا ويندا.