اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو چيني عملي جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد فراهم ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد جهنم پهچايو ويندو. دهشتگرد ??اڪ??تاني نه پر ??اڪ??تا?? جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.