اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽ??ي اٿارٽي (نيپرا) اعلان ڪيو آهي ته صارف??ن کان آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا. ڪالهه نيپرا طرفان جا??ي اعلان موجب ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان نيپرا ه??ڊ ڪوارٽر ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪئي وئي. اعلان موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي) ايف سي اي جي مد ۾ 57 پئسا في يونٽ جي گهٽتائيءَ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارف??ن کانسواءِ لائن لائيف، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳ?? هوندو، ان جو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کا??پو??ِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. سي پي پي اي جي ان کان اڳ صارف??ن کان جولاءِ جي ايف سي اي جي مد ۾ 37 پئسا في يونٽ گهٽتائيءَ سان چارج ڪيو وي?? هو، آگسٽ جو ايف سي اي جولاءِ جي ڀيٽ ۾ صارف??ن کان وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو.