راولپنڊي – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف 11 ڪارروائين ۾ 32 لک روپين جي ??اليت جي ??نشيات هٿ ڪري عورت سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪارروائيون ڪيون ويون. جنهن ۾ راولپنڊي ۾ لاله زار روڊ تي 2 ڪارروائين دوران يونيورسٽي ويجه?? 69 ??رام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو مسافر وين ۾ سوار عورت کان 2.4 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتو. اٽڪ ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار کان 50 گرام، فيصل آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار جي ??بضي مان 600 گرام آئ??س هٿ ڪئي وئي. شاڳئي شهر جي ڪاليج ويجهو جوابدار کان 300 گرام چرس ۽ 200 گرام آئ??س هٿ ڪئي. ڪوئيٽا ۾ شهباز چوڪ ويجهو جوابدار جي ??بضي مان 940 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڪينال روڊ لاهور تي جوابدار جي ??بضي مان 1 ڪلو 40 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان بحرين موڪلڻ لاءِ تيار پارسل مان 450 گرام آئ??س هٿ ڪئي. لاهور ۾ والٽن روڊ تي جوابدار کان 360 گرام هيروئن هٿ. ڄامشورو بس اسٽاپ ويجهو جوابدار کان 9 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.