اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان موقعي تي اسپيڪر وچ اوڀر ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي خطي ۾ ام?? جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پ??ڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط رشتن تي ٻَڌل آهن. ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر چيو ته ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پارلياماني سفارتڪاري انتهائي اهميت جوڳي آهي. ٻنهي ملڪ?? جي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪ?? جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اسپيڪر چيو ته پارلياماني وفد?? جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪ?? جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا موقعا ف??اهم ٿيندا. اسپيڪر پنهنجي مصري هم منصب کي پاڪستا?? جي دؤري جي دعوت ڏني. مصر جي سفير اسپيڪر جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ واري تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني رابطن ۾ واڌ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.