پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ??وبي جو امن اسان جي ترجيحن ۽ اڄ جي جرڳي جي هڪ ئي ايجنڊا آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ??هو جرڳو منعقد ڪرڻ تي جتي صوبائي حڪومت جو آئون ٿورائتو آهيان اتي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آمد تي سندس خصوصي طور ٿورو مڃيان ٿو. هن چيو ته مان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان جن اهو جرڳو منعقد ڪيو. هن چيو ته ??سان جا سياسي اختلاف موجود آهن، هن خطي ۾ افغانستان جو مسئلو اسان جي ??ڏو آهي، جتي عالمي برادري ڳالهين سان مسئلي جي حل تي متفق ٿي. خيبر ضلعي جي حوالي سان هن چيو ته ??سان وٽ وقت گهٽ آ??ي ۽ اسان کي سڀني کي ڳالهين تي راضي ڪرڻو ۽ مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي جيڪي ماڻهو هن ملڪ جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪجهه مطالبا صوبائي حڪومت جا هوندا ڪجهه وفاقي حڪومت جا هوندا، هتي وڏو وزير ويٺو آ??ي ۽ گهرو وزير به ۽ سياسي قيادت به اسان کي ان مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي، هن چيو ته ??من جي صورتحال خراب آهي، صوبي جا ڪيترائي علائقا اڄ به نوگو ايرياز آ??ن اسان سڀني کي متحد ٿي هن صوبي کي امن ڏيڻو پوندو.