اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجگور ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ جي مذمت ڪندي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سب انسپيڪٽر شڪيل احمد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيد سب انسپيڪٽر شڪيل احمد جي گهرڀاتين ??ان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن سب انسپيڪٽر شڪيل احمد جي فرض ??ان لگن ۽ قرباني کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيد جي گهرڀاتين ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.