اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز کي مهمند ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر ت?? خارجي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ ت?? خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز بهادري جو مظاهرو ڪندي 4 خارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو. ايوان صدر پريس ونگ طرفان جاي بيان ۾ صدر ممل??ت خارجي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ۽ جرئتمنداڻي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته سموري قوم کي پنهنجي جوانن تي فخر آهي جيڪي هر وقت وطن جي حفاظت لاءِ ??يار آهن، دهشتگردن کي انهن جي ناپاڪ ارادن ?? ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.