اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ک??ن وطن واپس روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي سعودي پرڏيهي وزارت جي وزير ف??يد الخريم، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ جده ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل خالد مجيد کيس الوداع ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي ج?? ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڪجهه ميمبر ملڪن جي هم منصبن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ و??لاريل فلسطيني علائقي خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.