اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ خان يونس جي علائقي تي اس??ائ??لي فو??سز جي پرتشدد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلو حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري اد?? ڪرڻ ??هرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خان يونس جي پناهگيرن کي اتان نڪرڻ جي هدايتن جي ڪجهه منٽن جي اندر اندر اهڙو جارحاڻو حملو انسانيت جي توهين آهي، معصوم فلسطيني پناهگيرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته اس??ائ??لي فو??سز فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري اد?? ڪرڻ ??هرجي.