لاهور – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف قصور ۾ لڪي مروت دهشتگ??د حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز ????يا?? جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ڪيپٽن محمد فراز ????يا?? جي ميت کي ڪلهو پڻ ڏنو. جنازي نماز ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انسپيڪٽر جنرل پنجاب سميت ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ جوانن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم بعد ۾ ڪيپٽن فراز ????يا?? شهيد جي پونئيرن تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف شهيد جي ڳوٺ کي ماڊل وليج بڻائڻ جو اعلان ڪندي ڳوٺ کي فراز ????يا?? شهيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم شهباز ??ريف چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فرزندن تي فخر آهي، بزدل دهشتگرد امن قائم ڪرڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ ڪنهن ڪنهن کي اهو عظيم مقام بخشي ٿو، قرآن مجيد ۾ فرمان آهي ته شهيد کي مرده نه چئو، اهي زندهه آهن، شهيد ڪيپٽن فراز ????يا?? پنهنجي خاندان جي مغفرت جو سبب بڻجندا. هن چيو ته پاڪ فوج جي هزارين جوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا، آئون يقين ڏياريان ٿو ته شهيد جي عظيم قرباني رائيگان نه ويندي، شهيد جو رت ضرور رنگ لائيندو. محمد شهباز ??ريف چيو ته ملڪ جي خ??طر جان ڏيندڙن جي قرانين کي وساري نه ٿو سگهجي، پاڪ زمين تان دهشتگردن کي ختم ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. بعد ۾ لڪي مروت حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز ????يا?? جي مڪمل فوجي اعزاز ??ان تدفين ڪئي وئي. وزيراعظم شهيد جي قبر تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي، قبر تي گل چاڙهيا ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. قصور جي ڳوٺ راءِ ڪلان سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي شهيد ڪيپٽن محمد فراز ????يا?? لڪي مروت ويجهو فرضن جي ادائيگي دوران آءِ اي ڊي حملي ۾ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻي.