ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي پهچڻ تي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ چيئرمين صدارتي درٻار شيخ منصور بن ??ايد النهيان وزيراعظم جو شاند??ر استقبال ڪيو. استقبال ڪندڙن ۾ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني سفير فيصل نياز ترمذي، پاڪستان ۾ امار??تي سفير حماد عب??د ابراهيم الزابي ۽ اعليٰ پاڪستاني ۽ امار??تي عملدار پڻ شامل هئا. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروبا??ي شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو.