اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز جي فلسطين کي باضابطا رياست تسليم ڪرڻ جي ??ع??ان جي ??جيان ڪندي چيو آهي ته اسپين جهڙي ملڪ جو فلسطين جي ??قيقت کي تسليم ڪرڻ عالمي منظرنامي تي هڪ مثبت اڳڀرائي ۽ خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته پيڊرو سانچيز ۽ اسپين جي ماڻهن معصوم فلسطينين تي اسرائيل پاران جاري تاريخي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غاصباڻي ارادن کي ان فيصلي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، رفح ۾ اسرائيل جي ??شتعال انگيز بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن جي ??يتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم چ??و ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشيءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي هڪ آزاد فلسطين ۽ بيت المقدس کي بطور ان جي گادي وارو شهر قائم ٿيڻ تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رک??دو.