اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چي?? آهي، ته پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي، سعودي سيڙپڪارن جو پاڪستان جو دورو ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري ف??رم 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي عرصي وارين حڪمت عملين تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي معيشت کي هٿي ملندي. حڪومت ڍانچا جاتي ۽ اق??صا??ي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته توانائي جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ ان اهم شعبي ۾ سڌارا جاري آهن. هن چيو ته زراعت ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿي رهي?? آهي ۽ هلندڙ س??ل ڪڻڪ ۽ چانورن سميت وڏن فصلن جي سٺي پيداوار ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن سٺو رهيو، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ هلندڙ س??ل رڪارڊ اضافو ٿي?? آهي، مهانگائي گهٽجي 17 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جا شيئرز به وڌي رهيا آهن. هن وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي اق??صا??ي ف??رم ۾ شرڪت جو حوالو ڏيندي چيو ته سعودي عرب جو اهو هڪ ڪامياب دورو هو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اق??صا??ي سهڪار جون ??اهون وڌيڪ کلنديون. گذريل ٻن هفتن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت هاڻي نجڪاري طرف وڌي رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي پڻ نجڪاري ڪئي ويندي. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ترقي ۾ شراڪتدار آهن ۽ اڄ سعودي عرب جي سيڙپڪارن ۽ واپارين جو پاڪستان جي معيشت ۾ تمام اهم ڪردار آهي.