اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين جي سهولت لا??ِ قائم ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي. پي آءِ ڊي پاران جاري پڌرائي موجب ميڊيا سينٽر ۾ صحافين جي سهولت لاءِ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ، جديد ترين ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپس، پرنٽرز، اسڪينرز، ايل اي ڊيز ۽ ايس اين ڊيز موجود آهن. ميڊيا سينٽر ۾ صحافين جي مدد جي لاءِ پي آءِ ڊي جو تربيت ياف??ه عملو ۽ آفيسر به موجود آهن. ميڊيا سينٽر کي ايس اين ڊيز جي ذريعي ال??ڪش?? ڪميشن جي ”ال??ڪش?? سٽي“ سان به ڳنڍڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چونڊن جي ڪوريج دوران صحافين جي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي هيلپ لائين ايم او آءِ بي به مڪمل طور تي فعال آهي. صحافي mediahelpline.moib.gov.pk تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. شڪايتن جي داخلا لاءِ ٽيليفون هيلپ لائين 0519252287 به فعال ڪئي وئي آهي. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن خاص طور تي ال??ڪش?? 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين جي سهولت لا??ِ قائم ڪيو ويو. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سڀئي ضروري سهولتون، قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ به ميسر آهي. اسلام آباد ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن سميت 7 شهرن ۾ ميڊيا سين??رز قائم ڪيا ويا آهن. انهن سين??رز تي 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. چونڊن واري ڏينهن سين??رز کان پولنگ اسٽيشن ويندڙ صحافين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظام به موجود آهي.