اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪ??يٽ?? ۽ نجڪ??ري ۽ توانائي بابت ڪابينا ڪ??يٽ?? جي فيصلن جي توثيق ڪندي پي ٽي وي پاران غيرملڪي براڊ ڪاسٽرز کي راندين جي مقابلن جي نشرياتي حقن جي مد ۾ ادائيگين جي اجازت ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا واپار و??ري وزارت جي سفارش تي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) تحت افغانستان ڪنٽري آفيس جي استعمال هيٺ گاڏين جي اسپيئر پارٽس ۽ نئين ٽائرن جي ڪراچي پورٽ کان ڪابل، افغانستان ٽرانزٽ/ منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ اهڙي درآمدات ۽ ان جي افغانستان منتقلي جي منع آهي جڏهن ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام تحت ڄاڻايل اسپيئر پارٽس ۽ ٽائرز گڏيل قومن جي استعمال ۾ هوندا ۽ انهن کي ڪاروب??ري استعمال ۾ نه آندو ويندو. وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار و??ري وزارت جي سفارش تي سيڪريٽريٽ گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر خان نواز جي هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا ۾ بطور ميمبر فنانس ٻيهر ??قر??ي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ناڻي و??ري وزارت جي سفارس تي جي ايس بئنڪ جي اسپانسرنگ شيئر هولڊر شبير احمد رنديري کي بئنڪنگ ڪمپنيز آرڊيننس جي سيڪشن 14 (1) IV کان ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڇوٽ تحت شبير احمد 7.06 سيڪڙو اسپانسرنگ شيئر هولڊر جي حيثيت سان جي ايس بئنڪ ل??يٽ??ڊ ۾ پنهنجو ووٽنگ جو حق استعمال ڪري سگهندو. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي ٻٽي سهريت رکندڙ جوابدار عرفان قادر ڀٽي کي ناروي جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته جوابدار تي ناروي حڪومت پاران دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي، ان حوالي سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي بطور انڪوائري آفيسر ??قر?? ڪيو ويو هو جيڪو جاچ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو ته جوابدار دهشتگردي ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهي، ان معلومات جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا جوابدار کي ناروي جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ و??ري وزارت جي سفارش تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال جي خالي جڳهه تي سيد طارق ??حمد الحسن جي ??قر??ي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جي سفارش تي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن پاران غيرملڪي براڊ ڪاسٽرز کي راندين جي مقابلن جي نشرياتي حقن جي مد ۾ ادائيگين جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا توانائي ببات ڪابينا ڪ??يٽ?? جي 6 فيبروري 2024ع، ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪ??يٽ?? جي 7 فيبروري 2024ع، نجڪ??ري بابت ڪابينا ڪ??يٽ?? جي 7 فيبروري 2024ع ۽ اقتصادي رابطا ڪ??يٽ?? جي 7 فيبروري 2024ع ۽ 14 فيبروري 2024ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.