ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان اطلاعات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ملاقات ڪئي. جا??ي پڌرائي موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ويجهي تعاون، عام چونڊن جي ان??ظا??ن، صحافين کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير نگران وفاقي وزير کي صوبي ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي ان??ظا??ن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عام چونڊن جي لاءِ ضروري فنڊز جا??ي ڪيا ويا آهن ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا ضروري قد?? کنيا پيا وڃن. ا?? موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سنڌ صوبي کي پرامن ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. ا?? موقعي تي سنڌ جو سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد سليم خان پڻ موجود هئا.