اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي ??را??ن حل جي منتظر آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري، پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين سي??سي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ?? سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄ جي ئي ڏينهن قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته اها پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل ان واعدي کي 75 سال گذري ويا پر افسوس جو اهو واعدو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گڏيل قومن کي ڪشميري عوام سان ڪيل واعدي جو احترام ڪندي انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄم??ن ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي ??را??ن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجو واعدو پورو ڪري. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگرانو فاقي وزير چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڪراري علائقي جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان رخ ۾ تازه ترين قدم آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي حدبندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سي??سي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.