اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽريڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو وڏو سبب اسمگلنگ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي س??ن هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي س??ن قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيند?? نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو هڪ وڏو سبب اسمگلنگ ۽ شين جي غيرقانوني چرپر آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي س??ن ٽريڪنگ جي نظام کي بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي س??ن فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم حڪم ڏنو ته جيڪو به اهلڪار اسمگلنگ ۾ ملوث ڏٺو وڃي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قرار واقعي س??ا ڏني وڃي ۽ ڪسٽمز جي حساس پوسٽ تي ڪنهن به آفيسر جي مقرري کان اڳ انٽيليجنس ڪليئرنس ورتي وڃي. هن اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي س??ن ڪوتاهي ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري بلوچستان کي چاغي ضلعي جي سموري انتظامي مشينري تبديل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته چمن، طورخم، غلام خان چيڪ پوسٽن سميت بلوچستان جي س??حدي علائقن ت?? نگراني جو عمل سخت ڪيو وڃي، ڪارگو جي چيڪنگ ۾ بهتري آندي وڃي ۽ چمن بارڊر تي ڪسٽمز جو عملو وڌايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي س??ن ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي پاران جاچ تي جاري اڳڀرائي ت?? نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ڪميٽي کي پوري ايمانداري س??ن پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪميٽي جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي س??راهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن سان ايران مان پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ تفتان کان ڪوئيٽا تائين ڪارگو جي ٽريڪنگ جو نظام شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي وار?? نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر?? واپار وار?? نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اعليٰ آفيسرن ۽ حساس ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.