اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي رقم روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ جي ذريعي منتقل ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ج?? قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي ج?? لاءِ انتهائي اهم آهي، اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهول?? فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نعمان مصطفيٰ جي سربراهي ۾ اوورسيز پاڪستانيز جي ??فد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران و??يراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪي معيشت ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي ج?? قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي ج?? لاءِ انتهائي اهم آهي، روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ رقم جي منتقلي ج?? محفوظ ذريعو آهي ج??هن جي استعمال سان ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهول?? فراهم ڪندي، اوورسيز پاڪستانيز جي سيڙپڪاري ۽ انهن جي ملڪيتن جي حفاظت حڪومتي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي ج?? گنجائش نه آهي، اوورسيز پاڪستانين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.