اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ??يس????يئ??شن ۽ برطانوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت ??يس????يئ??شن جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز بشير ڪئي. صحت واري وفاقي وزارت جا عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻارن جي پيدائشي طور تي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي علاج سان ٻارن جي زندگي ??ي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. موجوده دور جي صحت ??ي مسئلن، مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪرڻي پوندي. وفد صدر کي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ??يس????يئ??شن جي ڪم ۽ سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ??يس????يئ??شن معاش??ي جي لاچار طبقن کي گجرات ۾ مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ??يس????يئ??شن پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، متاثر ٻارن کي کائڻ ۽ ڳالهائڻ ??ي مسئلن کانسواءِ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??يس????يئ??شن جي ٻارن جي علاج ۽ سرج??ي جي حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.