اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ ٽاپ پوزيشن هولڊرز کي ميڊلز ۽ ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ڏنيون، 10 هين ڪانووڪيشن 2023ع جو انعقاد ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيو، يونيورسٽي جي ڪل 7738 شاگردن ۾ ڊگريون ورهايون ويون. 36 شاگردن کي چانسلر ميڊلز جڏهن ته 232 شاگردن کي وائيس چانسلر ميڊلز ڏنا ويا. قائداعظم يونيورسٽي جي فيڪلٽي آ?? سوشل سائنسز 2345، فيڪلٽي آف بائيولاجيڪل سائنسز 2218 ۽ فيڪلٽي آ?? سوشل سائنسز 3175 شاگردن کي بي ايس، ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون ويون. ان موقعي تي تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ??اڪستان حڪومت جي پاليسي آهي ته تعليم کي هر سطح تي فروغ ڏنو وڃي ۽ آئون تحقيق ۽ تعليم جي وسيلن جي لاءِ حڪومتي حمايت جو يقين ڏياريان ٿو. هن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بنيادي سهولتن جي فراهمي انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي هن ٽيڪنيڪل تعليم جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. تقريب کي خطاب ڪندي قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نياز احمد اختر چيو ته ??ونيورسٽي جي عالمي درجابندي کي بهتر بڻائڻ، پ??هن??ي وسيلن ۽ صلاحيتن کي پوري طرح سان استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي ٽاپ 200 يونيورسٽين ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ اسان جي هدفن مان هڪ آهي. ان کانسواءِ اسان جو مقصد ڪئمپس سروسز ۽ انتظامي عمل ۾ ڊيجيٽل سسٽم کي لاڳو ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته ??ونيورسٽي پ??هن??ي تعليمي پروگرامن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن موثر شعبن جي نشاندهي ڪندي انهن کي نوڪرين جي گهرج سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پ??هن??ي سڃاڻپ کي علمي معيشت جي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. وائيس چانسلر يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن جي ڪامياب انعقاد تي استادن ۽ عملي سميت ڊگريون حاصل ڪندڙ سمورن معزز شاگردن کي دلي مبارڪباد ڏني.