اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪي مسئلن تي گڏجي ويهي ڳالهيُون ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي تباهي نه ترقي جي راهه تي گامزن ڪر??و پوندو، جيڪي قومون تاريخ کان نه سکي سگهيون اهي نقصان کڻنديون آهن. هو ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر فاروق عادل جي ڪتاب ”ا??ان جيڪو وساري ڇڏيو: پاڪستان جي تاريخ جا وڃائجي ويل پنا“ جي رونمائي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت ??ان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب جي صدارت سينيٽر عرفان صديقي ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ڪتاب جي مهورتي تقريب تي ڊاڪٽر فاروق عادل کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب ۾ ملڪي تاريخ جي رخن تي روشني وڌي آهي، هن ڪتاب جي اندر ا??ان جي گورننس، جمهوريت جي ارتقاءَ، رياست جي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي سميت ڪيترن ئي مسئلن جو ذڪر آهي. هن چيو ته ا??ان کي تاريخ مان سکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ذميواراڻي صحافت جو تعين انتهائي ضروري آهي. ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب جي ذريعي هڪ اهڙو حسين ۽ خوشگوار لمحو فراهم ڪيو آهي، جتي مختلف مڪتبه ف??ر ??ان لاڳاپيل ماڻه?? هڪ جڳهه تي ويهي تاريخ جي باري ۾ ڳالهائي سگهن ٿا. ا??ان کي اهڙي قسم جي ڪلچر جي ضرورت آهي ۽ اهو ئي ڪلچر ا??ان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب ۾ ملڪ جي بنيادي مسئلن جو ذڪر ڪيو. ا??ان کي انهن مسئلن تي کلي دل ??ان ويهي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي رياستي، نشرياتي اداري ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪر?? ۾ مددگار ثابت ٿيندو. تقريب کي ڊاڪٽر افتخار عارف، عبدالباسط مجاهد، محبوب ظفر، ڊاڪٽر فاروق عادل، خورشيد نديم سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.