نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ اسان جي ??رجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان مستقبل ۾ ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنڌو درياءَ جي منصوبي ۽ ارلي وارننگ نظام بابت منصوبابندي سميت ٻيا قدم کنيا آهن، 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو متبادل توانائي جا ذريعا استعمال ڪندو،گلوبل وارمنگ جي ??لاف هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي موسمياتي تبديلين جي ??والي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ??هيو آهي، گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، گلوبل وارمنگ جي ڪري پاڪستان کي قدرت آفت کي منهن ڏيڻو پيو، گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل ان موقعي تي پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ عالمي دنيا کي پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪيو جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪلائميٽ ريزيليئنس جي لاءِ نيشنل ايڊاپٽيشن منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪيو آهي، ان منصوبي تحت مستقبل ۾ ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جي ??باهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نشاندهي ڪيل منصوبن ۾ سمورا وسيلا ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آندا ويندا، ٻئي مرحلي ۾ سيڙپڪاري جي فراهمي جو فريم ورڪ جوڙيو ويندو جنهن سان مخصوص نشاندهي ٿيل شعبن ۾ ضرورتن جي فراهمي ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم چيو ته 2025ع انيشي ايٽو تحت سنڌو درياءَ جي ??والي سان منصوبي جي ??روعات ڪئي آهي، نيشنل ايڊاپٽيشن منصوبيتحت ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ اسان جي ??ولين ترجيح آهي، پاڪستان جي ??رلي وارننگ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا آهن، عالمي حدت ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي تنهن هوندي به سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙن ۾ شامل آهيون، عالمي حدت روڪڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جو حصو آهيون. هن چيو ته پاڪستان 2030ع تائين پنهنجي ??وانائي جي 60 سيڪڙو ضرورت متبادل توانائي جي ??ريعن سان حاصل ڪندو، ان تي 100 ارب ڊالر جي لاڳت آهي جنهن تي اسان کي عالمي مدد جي ??رورت آهي. هن ماحوليات جي ??حفظ جي ??والي سان قرآن پاڪ جي ??يت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلام ماحول جي ??حفظ جي ??ميواري کي فروغ ڏيڻ جي ??مايت ڪري ٿ??. ه?? چيو ته قدرتي وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، مستقبل جي ??طرن کي منهن ڏيڻ بابت قابل عمل سوچ اختيار ڪرڻ گهرجي، موسمياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي مالياتي ۽ فني تعاون جي ??ريعي موسمياتي انصاف ملڻ گهرجي.