اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 16 مهينن ۾ تاريخ جا غيرمتوقع وڏا چئلينجز درپيش هئا، ا??ان جي قدمن ??ان ملڪ ڊيفالٽ جي خطرن کان بچي ??يو، اڄ پاڪستان اپريل 2022ع کان بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ مون پنهنجي ڪابينا جي ساٿين جي تعاون ۽ حمايت تي انهن جا ٿورا مڃيا. گذريل 16 مهينا وڏن چئلينجن جو دور هو، جيڪو ا??ان جي تاريخ ۾ غيرمتوقع هو. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي قوتن جو هڪ قومي ايجنڊا جي لاءِ گڏ ٿيڻ ا??ان جي جمهوري نظام جي ارتقا جي نم??ئن??گي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته شديد ترين ٻوڏ کان وٺي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي نئين سر تعمير کان وٺي گورننس جي چئلينجز کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ بحرانن جي ڪثرت جي سنگيني کي ڏسندي ا??ان گڏيل حڪمت عملي جو استعمال ڪيو. هن چيو ته الحمدالله آگسٽ 2023ع ۾ پاڪستان اپريل 2022ع جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. ا??ان جي ڊگهي مدي وارا چئلينجز اڃا به آهن پر اڳتي وڌڻ جي رستي جي واضح طور تي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان رخ ۾ قدم شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون ڪابينا جي هر ساٿي جو ٿورائتو آهيان ته انهن جي مشوري ۽ تعاون ??ان جن ذاتي طور تي ملڪ جي بهترين خدمت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، آئون انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.