اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) صدر م??لڪ?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين جي شروعات ڪئي، ڀارت جا سمورا ظالماڻا قدم ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي نٿا روڪي سگهن. ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آواز بڻجندو رهندو ۽ انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو. انهن خيالن جو اظهار صدر م??لڪ?? ڊاڪٽر عارف علوي يوم استحصا?? 5 آگسٽ 2023ع جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. صدر م??لڪ?? چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين جي شروعات ڪئي. انهن ڪارروائين جو مقصد ڪشميري عوام کي ??ي اختيار ڪرڻ، راءِ ڏيڻ واري حق کان محروم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ آهي. صدر م??لڪ?? چيو ته 5 آگسٽ جا قدم تڪراري علائقي تي مستقل طور قبضو ڪرڻ ۽ ان جي خاص ڪشميري ڪردار کي مٽائڻ لاءِ کنيا ويا هئا. صدر م??لڪ?? چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي ??هو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ڪشمير ان جي ڌرتي جو هڪ غير تڪراري حصو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام کي ??ن جي جائز حق خ??داراديت ڏئي سلامتي ڪائونسل طرفان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، ڪشميري ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڄمون ڪشمير جي مسئلي کي ??لامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو جنهن کان پوءِ ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي ??المي سطح تي تسليم ڪيو ويو ۽ ڄمون ڪشمير جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر م??لڪ?? چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي نه فتح ٿيڻ جوڳي عزم ۽ حوصلي عيوض ڀارت طرفان ڊيڄارڻ ۽ محڪوم بڻائڻ واري هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري رهيو آهي. صدر م??لڪ?? چيو ته ڀارت جا سڀئي ظالماڻا ۽ هٿ ٺوڪيا قدم ڪشميري عوام جي جدوجهد کي نه روڪي سگهيا. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف سازشن سان ڪشميري عوام جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪري رهيو آهي. صدر م??لڪ?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي. صدر م??لڪ?? چيو ته سفارتي ٻٽي پاليسي يا ڀارتي رياستي دهشتگردي حقيقت کي ??بديل نٿي ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻيو رهندو ۽ انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو، صدر م??لڪ?? چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي.